شينزن – 05 – جون (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير ??بدالعليم خان چ??و آهي ته ڪاروباري معاهدن ۾ بزنس ٽو بزنس سرگرمين کي عملي طور تي فروغ ملندو جڏهن ته چين کي پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ڪرڻ جي لاءِ هڪ منفرد پليٽ فارم مهيا ٿيندو. چين جي دوري جي موقعي تي شينزن ۾ صحافين سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چ??و ته ڪانفرنس ۾ چين جي 500 ۽ پاڪستان مان 100 ڪمپنين جي شرڪت حوصلي جوڳي آهي، 32 ايم او يوز تي صحيحن سان ٻنهي طرفن جي بزنس ڪميونٽي ڳنڍجي وئي، ڪاروباري معاهدن ۾ بزنس ٽو بزنس سرگرمين کي عملي طور تي فروغ ملندو. وفاقي وزير ??بدالعليم خان چ??و ته انهن معاهدن سان چ??ن کي به پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ڪرڻ جي لاءِ منفرد پليٽ فارم ملندو، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري سان چ??ن کي به ٻين ملڪن کي ڊائريڪٽ ايڪسپورٽ جو موقعو ملندو، پاڪ چائنا بزنس جي فروغ سان پاڪستاني ڪمپنين جي ايڪسپورٽ ۾ پڻ اضافو ٿيندو، بزنس ۾ رابطا هموار ٿيڻ سان لانگ ٽرم حصيداري جا دروازا کلن ٿا. وفاقي وزير چيو ته پاڪ چائنا بزنس فورم جو انعقاد ڪامياب ترين ۽ غيرمعمولي اهميت رکندڙ آهي، وزيراعظم جو چين سان حصيداري جو ويزن بهتر انداز ۾ پڄاڻي طرف گامزن آ??ي، ٻطرفي واپا?? سان پاڪ چين بزنس ڪميونٽي جي وچ ۾ اعتماد کي فروغ ملندو، شينزن ۾ ان کان اڳ ڪا بزنس ڪانفرنس ايتري قدر ڪامياب ناهي ٿي.