اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان پاڪستان بئنڪنگ محتسب ??راج الدين عزيز ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بئنڪنگ محتسب ??در ??ي اداري جي سالياني رپورٽ پيش ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر بئنڪنگ صارفين کي 1.26 ارب رپين جو مالي ريليف فراهم ڪرڻ تي بئنڪنگ محتسب ??ي ڪارڪردگي کي سا??اهيو. ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري چيو ته سال 2023ع ۾ بئنڪنگ محتسب ??و 25 هزار کان وڌيڪ شڪايتن تي ڪارروائي ڪرڻ خوش آئنده آهي. صدر اداري جي قيام کان وٺي هيستائي?? شڪايت ڪندڙن کي 6.4 ارب جو مجموعي ريليف ڏيڻ تي پڻ سا??اهيو. صدر بئنڪ فراڊ متاثرين کي فوري انصاف جي فراهمي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته بئنڪنگ محتسب ماڻهن کي بنا قيمت انصاف جي فراهمي، گڊ گورننس جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، شڪايتن جي جلد ازالي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، بئنڪن جي بدانتظامي جي خلاف بئنڪنگ محتسب ??ي ڪردار ۽ خدمتن بابت آگاهي پيدا ڪرڻي پوندي، بئنڪنگ محتسب ??ابت آگاهي سان وڌ کان وڌ ماڻهو خدمتن مان فائدو کڻي سگهندا. ملاقات ۾ بئنڪنگ محتسب ??ئنڪ صارفين جي شڪايتن جي فوري ازالي جي لاءِ بئنڪنگ محتسب ??ي ڪردار ۽ ڪارڪردگي تي روشني وڌي. هن ٻڌايو ته بئنڪنگ محتسب ??ازو ئي آن لائين پورٽل جو صارف دوست نظام متعارف ڪرايو آهي، آن لائين پورٽل سا?? شڪايت ڪندڙن کي پنهنجي شڪايتن جي داخلا ۾ آساني ٿيندي.