اسلام آباد – 18 ?? اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته دهشت??رد?? سان اسان جي قومي سلامتي، علائقائي امن ۽ خوشحالي کي خطرو آهي، پاڪستان دهشت??رد?? کي هڪ گڏيل خطرو سمجهي ٿو. 16 هين قومي اسيمبلي جي پهرين پارلياماني سال جي شروعات تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي پنهنجي خطاب ۾ صدر آصف علي زرداري دهشت??رد?? جي لعنت جو ذڪر ڪندي چيو ته دهشت??رد?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي، پاڙيسري ملڪن مان دهشتگرد گروهن جو سختي سان نوٽيس وٺڻ جي اميد ڪريون ٿا. صدر چيو ته دهشتگرد گرو??ه اسان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ عوام جي خلاف حملن ۾ ملوث آهن، دهشتگرد عنصرن جي خاتمي جي قوم جي عزم جو ورجاءُ ڪريان ٿو، منهنجي گهرواريءَ ۽ ٻه ڀيرا چونڊيل وزيراعظم بينظير ڀٽو شهيد دهشت??رد?? جو مقابلو ڪندي پنهنجي حياتي ڏني آهي. صدر چيو ته دهشت??رد?? جي خاتمي لاءِ اتحاد ۽ تحريڪ پيدا ڪرڻ ۾ ڪڏهن به پٺتي نه رهندس. صدر چيو ته اسان کي پنهنجي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي فخر آهي، هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن دهشت??رد?? جي خلاف جنگ ۽ قومي سرحدن جي دفاع ۾ بي پناهه قربانيون ڏنيون آهن.