اسلام آباد – 01 مارچ (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي مختلف ميمبرن جي قومي ۽ صوبائي اسيبلي جي ميمبر طور حلف کڻڻ سبب خالي ٿيل سيٽن تي ننڍي چونڊ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو. انهن سيٽن تي چونڊ 14 مارچ تي ٿيندي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري شيڊول مطابق سيد يوسف رضا گيلاني، مولانا عبدالغ??ور حيدري قومي اسيمبلي جا ميمبر چونڊجي ويا. نثار کهڙو، ڄام مهتاب حسين ڊاهر سنڌ اسيمبلي جڏهن ته سرفرار احمد بگٽي، پرنس احمد عمرزئي بلوچستان اسيمبلي جا ميمبر چونڊجي ويا. انهن جي عام چونڊن ۾ ڪاميابي ۽ حلف سان خالي ٿيل سيٽن تي چونڊ لاءِ شيڊول جاري ڪيو ويو جنهن تحت اميدوارن طرفان نامزد??ي ڪاغذ 2 ۽ 3 مارچ ت??ئي?? جمع ڪرائي سگهجن ٿا. اميدوارن جي شروعاتي لسٽ 3 مارچ جڏهن ته انهن جي جانچ پڙتال 5 مارچ تي ٿيندي. نامزد??ي ڪاغذن جي منظوري يا رد ڪرڻ خلاف اپيلون 7 مارچ، انهن تي ٽريبيونل جي طرفان فيصلا 9 مارچ جڏهن ته نامزد??ي ڪاغذ 10 مارچ تي واپس وٺي سگهجن ٿا. پولنگ 14 مارچ تي پارليامنٽ هائوس، سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبلين جي عمارتن ۾ 9 کان 4 وڳي ت??ئي?? ٿيندي.