بيجنگ -10مارچ (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ پاڪستان جي نئين چونڊيل صدر آصف علي زرداري جي نالي تي پنهنجي پيغام ۾ کيس پاڪستان جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏنيون. چيني ميڊيا موجب پنهنجي پيغام ۾ شي جن پنگ چيو ت?? چين ?? پاڪستان سٺا پاڙيسري، سٺا دوست، سٺا شراڪتدار ۽ سٺا ڀائر آهن. ٻنهي ملڪن وچ ۾ لوهي دوستي هڪ تاريخي چونڊ ۽ ٻنهي عوام جي قيمتي دولت آهي. هن چيو ت?? هاڻوڪن سالن ۾ ٻنهي ملڪن اعليٰ سطحي جي ويجهي مٽاسٽا کي برقرار رکيو آهي. هڪ ٻئي جي بنيادي مفادن ۽ اهم خدشن بابت معاملن تي هڪ ٻئي جي حمايت ڪئي آهي. چين پاڪستان اقتصادي راهداري جي تعمير ۾ ڀرپور نتيجا حاصل ڪيا آهن. ٻه طرفن لاڳاپن ۾ اعليٰ سطح جي ترقي کي برقرار رکيو آهي. شي جن پنگ چيو ت?? هن وقت دنيا کي وڏيون تبديليون سامهون آهن ۽ چين پاڪستان لاڳاپن جي اس??ريٽجڪ اهميت وڌيڪ نمايان ٿي وئي آهي. هن چيو ت?? هو پاڪ چين لاڳاپن جي ترقي کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو. هو چين ?? پاڪستان وچ ۾ روائتي دوستي کي اڳتي ??ڌا??ڻ، مختلف شعبن ۾ عملي تعاون کي هٿي ڏيڻ، چين ?? پاڪستان وچ ۾ سدابهار اس??ريٽجڪ کي ڪو آپريٽو پارٽنرشپ جي ترقي کي وڌ کان وڌ هٿي ڏيڻ ۽ نئين ??ور ۾ چين پاڪستان هم نصيب معاشري جي جوڙجڪ کي قيد ڪندي ٻنهي ملڪن جي عوام کي بهتر فائدا پهچائڻ لاءِ صدر زرداري سان گڏ ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي.