ڪراچي-08 فيبروري (اي پي پي)سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر اين اي 237 ۽ پي ايس 104 تي پنهنجو ووٽ گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول نمبر 2 بلاڪ 6 پي اي سي ايڇ ايس ۾ ڪاسٽ ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن پنهنجو جمهوري حق پورو ڪيو. سيڪيورٽي انتظامن جي حوال?? سان ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي نگران وڏي وزير چيو ته سيڪيورٽي جا سمورا انتظام اثرائتي انداز ۾ ڪيا ويا آهن ۽ پولنگ اسٽيشنن تي پولنگ جو عمل بهتر نمون?? سان جاري رهيو. صوبي ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي سهولتن جي فراهمي جي حوال?? سان سنڌ جي نگران وڏي وزير چيو ته هنن چونڊ عملي کي پولنگ اسٽيشنن تائين پهچائڻ سميت سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪيون ويون. هن پولنگ اسٽاف جي پولنگ اسٽيشنن تي نه پهچڻ واري معاملي کي مڪمل طور رد ڪندي چيو ته عملو پنهنجو فرض بهتر نموني سرانجام ڏنو. موبائيل سروس جي معطلي جي حوال?? سان سنڌ جي نگران وڏي وزير واضح ڪيو ته اهو نگران وفاقي حڪومت جو فيصلو هو ٿي سگهي ٿو ڪنهن مناسب سبب لاءِ ا??ڙو فيصلو ڪيو ه??ي. سنڌ جي نگران وڏي وزير ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جو پڻ دورو ڪيو. سي سي ٽي وي ڪوريج ذريعي پولنگ جي عمل جو جائزو ورتو. نگران گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز ۽ آءِ جي پوليس رفعت مختار سنڌ جي وڏي وزير کي پولنگ عمل بابت بريفنگ ڏني. ان بعد نگران وڏي وزير سنڌ جي گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز ۽ آءِ جي پوليس رفعت مختار سان گڏ ??يلي ڪاپٽر ذريعي پولنگ عمل جو هوائي معائنو پڻ ڪيو.