اسلام آباد – 21 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ناليواري ????اف??، ايڊيٽر ۽ ڪالم نگار نذير ناجي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نذير ناجي ڏاهو ????اف?? ۽ ??جز??ه نگار هو، هن پنهنجي پوري ??ندگي صحافت ۽ ملڪ جي خدمت جي لاءِ وقف ڪئي، نذير ناجي جا ڪالم ۽ ??جز??ا سدائين معلوماتي ۽ بصيرت وارا هوندا هئا. مرتضيٰ سولنگي چ??و ته نذير ناجي پنهنجي ڪم جي ذريعي معاشري ۾ مثبت تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، نذير ناجي مرحوم جي لاڏاڻي سان صحافت جي دنيا ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو آهي، اهو ڪڏهن به پورو نه ٿي سگهندو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي نذير ناجي جي گهرڀاتين ۽ دوستن سان تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سندس پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.