اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان چين جي نائب پرڏيهي وزير سن ويڊونگ سندس ??في?? ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران پرڏيهي وزير ۽ چيني نائب پرڏيهي وزير هر آزمائش تي پورو لهندڙ تعاون تي ٻڌل اسٽريٽجڪ حصيداري جو ورجاءُ ڪيو ۽ سي پيڪ ۽ گڏيل اقتصادي ۽ مالي تعاون سميت ٻطرفن لاڳاپن جي ??مورن رخن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي ??في?? جي ??رجمان موجب نگران پرڏيهي وزير پاڪ چين دوستي کي مضبوط بڻائڻ ۾ چين جي نائب پرڏيهي وزير جي ??دمتن کي ساراهيو ۽ سمورن معاملن تي چين پاران پاڪستان جي ??ڻٿڪ حمايت کي ساراهيو. هن سي پيڪ جي مسلسل ترقي تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستان جي لاءِ سي پيڪ جي ??هميت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل فائدن جي لاءِ سي پيڪ جي مڪمل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ڪوششون جاري رکندو. هن پاڪستان ۾ سي پيڪ جي ??مورن منصوبن جي لاءِ چين جي ??ياري ۽ تعاون کي پڻ ساراهيو. چين جي نائب پرڏيهي وزير شاندار ميزباني تي نگران پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيندي چيو ته آئرن برادرز ۽ قابل اعتماد دوست جي ??يثيت سان چين پنهنجي پرڏيهي پاليسي ۾ پاڪستان کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ سمورن شعبن ۾ وڌيڪ گهري تعاون جو خواهشمند آهي.