اسلام آباد- 10 جنوري (اي پي پي) تعيلم ۽ پيشوراڻي تربيت بابت نگران وفاقي و??ير مدد علي سنڌي خاطري ڪرائي آهي ته ڊ??لي ويجز ملازمن جا مئسلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. تعليم واري وزارت مان جاري ڪيل پريس رليز مطابق هن اها خاطري ڊ??لي ويجز ملازمن جي وفد سان ملاقات دوران ڪرائي. وفاقي و??ير چيو ته ڪابينه 227 ڊ??لي ويجز ملازمن کي ريگيولر ڪرڻ جي به منظور ڏني آهي. هن چيو ته انهن ڊ??لي ويجز ملازمن ايف پي ايس سي جي ٽيسٽ پاس ڪئي آهي، ان ڪري انهن کي هاءِ ڪورٽ جي فيصلي مطابق ريگيولر ڪيو ويندو، جنهن کي سپريم ڪورٽ پڻ برقرار رکيو آهي. هن چيو ته استاد قومن جي جوڙجڪ ڪندا آهن ۽ انهن کي هر طرح جي سهولت فراهم ڪرڻ گهرجي ته جيئن هو پنهنجو ڪم چڱيءَ ريت انجام ڏئي سگهن. هن سرڪا??ي شعبي خ??ص ڪري وفاقي گاديءَ وا??ي شهر ۾ تعليم جي معيار کي بلند ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جو انگ به اولين ??رجيح آهي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ لاءِ سڀ ڪوششون ڪيون پيون وڃن ته ان انگ ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي.