اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ ??ولنگي پاڪس??ان ۽ ايران جي وچ م اقتصادي لاڳاپن ۽ ميڊيا جي شعبن سميت ٻطرفي ثقافتي تعاون جي فروغ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي حڪومتي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪس??ان ۽ ايران جي وچ ۾ ميڊيا ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جهڙا معاهدا ثقافت ۽ روايتن کي حقيي روشني ۾ پيش ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا. هو ملاقات جي لاءِ آيل اسلامي جمهوريه ايران جي سفير رضا اميري مقدم سان ڳالهائي رهيو هو. ملاقات ۾ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون، ثقافتي وفدن جي مٽاسٽا، ٻطرفي گڏيل واپاري لاڳاپن، ايران ايڪسپو 2024ع سميت مختلف اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات ۾ واپاري ۽ اقتصادي شعبن خاص طور تي اي سي او تنظيم جي دائره ڪار ۾ گڏيل تعاون، اوڀر کان اولهه تائين لنگهه، ٻنهي ملڪن جي بندرگاهن تي ٻطرفي تعاون ۽ تهران اسلام آباد لاڳاپن ۾ توسيع جي اهميت تي زور ڏيندي ٻطرفي گڏيل لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ موقعا ڳولڻ تي راضپي جو اظهار ڪيو ويو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪس??ان ايران سان ڀائراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪس??ان ۽ ايران گهري مذهبي، ثقافتي ۽ لساني رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. مرتضيٰ ??ولنگي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون کي وقت جي ضرورت قرار ڏيندي چيو ته پاڪس??ان ايران سان فلم ۽ ڊرامي جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪس??ان ۽ ايران جي اسلامڪ ري پبلڪ نيوز ايجنسي (ارنا) جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي اڳ ۾ ئي صحيحون ٿي چڪيون آهن. هن چيو ته پاڪس??ان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) ۽ ايران جي آڊيو ??يز??ل ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (ساترا) ۽ ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشنز، پاڪس??ان ٽيلي??يز?? ڪارپوريشن ۽ ايران جي آڊيو ??يز??ل ۽ سئنيما جي شعبي ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ مفاهمت جي ياداشتن تي ڪم جاري آهي. ملاقات ۾ پاڪس??ان ٽيلي??يز?? ڪارپوريشن ۽ اسلامڪ ري پبلڪ آف ايران براڊ ڪاسٽن?? جي وچ ۾ مفاهمتي عمل کي تيز ڪرڻ تي پڻ اتفاق ٿيو. ايران جي سفير اسلام آباد ۾ اسلامڪ ري پبلڪ آف ايران براڊ ڪاسٽن?? جي بيورو آفيس کولڻ بابت اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير کي آگاهه ڪيو. هن چيو ته اسلامڪ ري پبلڪ آف ايران براڊ ڪاسٽن?? جي بيورو آفيس ايندڙ سال جنوري جي ٽئين هفتي ۾ پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيندي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته اسلامڪ ري پبلڪ آف ايران براڊ ڪاسٽن?? جي بيورو آفيس قائم ٿيڻ سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اطلاعات جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ملندي. هن چيو ته ايران سان ٽيلي??يز??، فلمز، سئنيما، ادبي ۽ لساني ادارن جي وچ ۾ تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ اهڙي طرح جا ڪيترائي معاهدا بحث هيٺ آيا. اهي معاهدا اسان جي ثقافت ۽ روايتن کي حقيقي روشني ۾ پيش ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا. ملاقات ۾ ايران جي ثقافتي وف?? جي پاڪس??ان جي دوري جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ايران جي ثقافتي وفد جو پاڪس??ان جو دورو خوش آئنده آهي، اهڙي طرح جي دورن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي لاڳاپن کي هٿي ملندي. هن چيو ته ايران جي ثقافتي وفد کي پاڪس??ان جي ميڊيا هائوسز، پريس ڪلبز ۽ ٻين ثقافتي ادارن جو دورو ڪرايو ويندو. ملاقات ۾ ايران ايڪسپو 2024ع جي حوالي سان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. مرتضيٰ ??ولنگي چيو ته ايران ايڪسپو 2024ع ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن جي فروغ جو اهم موقعو آهي. هن چيو ته پاڪس??ان ايران سان گڏيل اقتصادي لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ ايران سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ايران جي سفير چيو ته ايران ايڪسپو 2024ع ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري ادارن جي لاءِ هڪ متحرڪ پليٽ فارم فراهم ??ندي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ايراني سفير کي پاڪس??ان ۾ ايندڙ چونڊن جي حوالي سان قدمن بابت آگاهه ڪندي چيو ته نگران حڪومت جو بنيادي مينڊيٽ چونڊ عمل ۾ معاونت ڪرڻ آهي، صاف، شفاف ۽ غيرجابداراڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي. هن چيو ته نگران حڪومت ان ڏس ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪس??ان کي هر ممڪن سهولت فراهم ??ري رهي آهي. ايران جي سفير صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ نگران حڪومت جي عزم کي ساراهيو.