اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آ??ي ته باباءِ قوم جي ڏنل بنيادي اصولن ۾ ئي ترقي جو راز لڪل آهي، قائداعظم سدائين قانون جي حڪمراني ۽ پرامن سياسي جدوجهد تي يق??ن رکندو هو، سندس ??عل??م تي عمل ڪري ئي ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو، اسان جي مشڪلاتن جو حل به جمهوريت، ڳالهين ۽ قانون جي حڪمراني ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشنز جي اهتمام هيٺ فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن جي مختلف اسڪولن جي ٻارن جي وچ ۾ قائد جي ڏهاڙي تي منعقد تق??يري مقابلي جي تق??يب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد پڻ موجود هئي. مرتضيٰ سولنگي قائداعظم محمد علي جناح جي حوالي سان اسڪولن جي ٻارن جي تق??يرن کي ساراهيندي چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جي ڪري هي ملڪ ٺهيو، اڄ اسان ان جي ڪري ئي هتي موجود آهيون. هن چيو ته تاريخ ڏسون ته قائداعظم جي ڪيترين ئي ??عل??م تي اسان عمل نه ڪيو پر اڄ به اسان کي يقين آ??ي ته قائداعظم جي بنيادي اصولن تي عمل ڪري ئي اسان مشڪلاتن تي ضابطو آڻي سگهون ٿا. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح سدائين قانون جي حڪمراني تي يق??ن رکيو، قانون تي عمل ڪندي پرامن طريقي سان اختلاف ڪرڻ محمد علي جناح جي سياست جو بنيادي اصول هو. هن چيو ته اڄ جي سياست ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي هڪ ٻئي سان اختلاف آهن پر قانونن تي عملدرآمد جي ذريعي بهتري جو امڪان موجود هوندو آهي. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جي 11 آگسٽ 1947ع جي آئين ساز اسيمبلي جي تق??ير اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، قائداعظم سدائين پرامن سياسي جدوجهد ۽ جمهوريت تي يق??ن رکندو هو. هن چيو ته اڄ مشڪل مسئلن جو حل رڳو پرامن سياسي جدوجهد سان ئي نڪري سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي 76 سالا تاريخ مان اسان اهو ئي سکيو آ??ي ته هي ملڪ هڪ مضبوط وفاقي جمهوريت سان ئي اڳتي هلي سگهي ٿو، اسان جو آئين وفاقي جمهوريت تي ٻڌل آهي ۽ انهي ۾ مشڪلاتن جو حل موجود آهي. هن چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ لکيل آ??ي ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا. موجوده نگران حڪومت به آئين جي آرٽيڪل 224 جي پيداوار آهي، خميس 8 فيبروري 2024ع تي جڏهن چونڊون ٿينديون ته هي ملڪ پنهنجي منزل طرف روان دوان ٿيندو. هن چيو ته اسان جي مشڪلاتن جو حل جمهوريت، ڳالهين، قانون جي حڪمراني آهي. تق??يب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد تق??يري مقابلي جي شرڪت ڪندڙن کي مبارڪباد ڏني. تق??يري مقابلي ۾ فيڊرل ائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن جي مختلف اسڪولن مان 10 شاگرد ۽ شاگردياڻين حصو ورتو جن قائداعظم جي 147 هين پيدائش جي ڏهاڙي تي قائد جي فڪر ۽ نظرين تي روشني وڌي. تق??يري مقابلي جو عنوان ”موجوده دور جا مسئلا ۽ قائداعظم جو پيغام“ هو. تق??يب ۾ بهترين تق??ير تي پهرين پوزيشن اسلام آباد ماڊل ڪاليج جي نائين فور جي نائين ڪلاس جي شاگردياڻي ايمن فرحان، ٻي پوزيشن اسلام آباد درڪالا جي ماڊل اسڪول جي نائين ڪلاس جي شاگردياڻي سُندس فاروق جڏهن ته ٽئين پوزيشن اسلام آباد ماڊل اسڪول همڪ جي ڏهين ڪلاس جي شاگردياڻي فيروزه بي بي حاصل ڪئي. تق??يب ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشنز پاران قائداعظم جي سياسي جدوجهد جي حوالي سان هڪ دستاويزي فلم ۽ ڊائريڪٽوريٽ پاران ٺاهيل ملي نغمو پڻ پيش ڪيو ويو. تق??يب ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.