اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وز??ر مرتضيٰ س??لنگي پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف سعيدالمالڪي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ميڊيا ۽ ڪميونيڪشنز جي شعبي ۾ طئي ٿيل معاهدن تي عملدرآمد جي رفتار تيز ڪرڻ، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا ۽ ڊرامي سميت ٻين لاڳاپيل شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ نگران وز??راعظم جو بين المذاهب هم آهنگي جي لاءِ خصوصي نمائندو علامه طاهر محمود اشرفي پڻ موجود هو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ابلاغيات جي شعبي ۾ گڏيل تعاون جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وز??ر سعودي سفير جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي 12 نومبر تي اجلاس جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وز??ر مرتضيٰ س??لنگي سعودي عرب پاران اسلامي تعاون تنظيم جو سربراهي اجلاس گهرائڻ جي آجيان ڪندي چيو ته باني ميمبر طور پاڪستان او آءِ سي ق??ئم ٿيڻ جي مقصدن ۽ ان جي وڌيڪ مضبوطي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو رهندو، مسلمان امت جي مفادن جي تحفظ ۾ او آءِ سي جي ڪردار جي سگهه ۽ ان ڏس ۾ سعودي عرب جي ڪردار کي ساراهيون ٿا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وز??ر جو سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سعودي سفير اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وز??ر کي سعودي عرب جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وز??ر مرتضيٰ س??لنگي سعودي سفير نواف سعيد المالڪي جا دوري جي دعوت تي ٿورا مڃيا.