اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايند?? مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت مذهبي معاملن واري وزارت جي 2 منصوبن جي ل??ءِ مجموعي طور تي 800 ملين رپيا رکيا ويا آهن. جاري سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام ۾ قرآن پاڪ جي شهيد ورقن جي ري سائيڪلنگ جي ل??ءِ اسلام آباد ۾ پلانٽ هڻڻ جي ل??ءِ 165.048 ملين رپين کا?? وڌيڪ جڏهن ته حج ڪمپليڪس لاهور جي تعمير لاءِ 634.952 ملين رپين جي رقم رکي وئي آهي.