اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان چيو آهي ته ميڊيا ??ي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اسان کي ميڊيا انڊسٽري کي درپيش مسئلن جو چڱي ريت ادراڪ آهي، انهن مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. اها ڳالهه هن سي پي اين اي جي باني صدر خوشنود علي خان جي سربراهي ۾ ملاقات لاءِ آيل وفد سان ڳالهائيندي چئي. وفد سهيل علي خان کي اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سي پي اين اي اسلام آباد جي ڪنوينر ممتاز حسين ڀٽي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري کي ميڊيا انڊسٽري کي درپيش مسئلن جي حوالي سان ٻڌايو ته گذريل 5 سالن دوران تمام گهڻي مهانگائي جي ڪري ميڊيا انڊسٽري شديد بحران جو شڪار آهي، ميديا انڊسٽري کي بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ حڪومت سرڪاري اشتهارن جي ڪاٿي ۽ ريٽس ۾ مهانگائي جي شرح کي نظر ۾ رکندي مناسب اضافو ڪري. وفد ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته عمران خان حڪومت دور جي سينٽرلائيزڊ ميڊيا پاليسي جي ڪري سرڪاري ادارن نه رڳو پنهنجي پبلسٽي بجيٽ کي گهٽ ڪيو پر پاڪستان ۾ اسلام ۽ ملڪ جي حوالي سان ملهائجندڙ ڏهاڙن جي موقعي تي نوجوان نسل کي اسلام ۽ پاڪستانيت کان روشناس ڪرائڻ جي لاءِ قومي وحدت جي لاءِ ميڊيا تي پيغامن، تقريري ۽ لکت وارن مقابلن جو رجحان پڻ گهٽ ٿيو آهي جنهن جي ڪري قومي وحدت کي نقصان پهچي رهيو آهي. وفد چيو ته ان آمراڻي پاليسي جي ڪري ڪجهه ادارن پر??س انفارميشن ڊپارٽمينٽ بدران سڌوسنئون ميڊيا اشتهار جاري ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. ان صورتحال تي ضابطو نه آندو ويو ته رياست پاڪستان کي شديد نقصان ٿيندو. وڌيڪ اهو ته سي پي اين اي چاهي ٿي ته اشتهارن جي ورڇ کي منصفاڻو بڻايو وڃي جنهن تي اطلاعات واري سيڪريٽري سهيل علي خان چيو ته حڪومت آزاد ميڊيا ??ي ترقي تي نه رڳو يقين رکي ٿي پر سمورين مالي مشڪ??ات?? جي باوجود ان جي لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جي سربراهي ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت حڪومت ۽ ميڊيا جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪندي رهندي. ميڊيا انڊسٽري کي بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ اشتهارن جي ڪاٿي ۽ اگهن ۾ اضافي جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئ?? ويندي. ان موقعي تي روزاني دن جي اي??يٽر ممتاز حسين ڀٽي ۽ روزاني صدائي سچ جي اي??يٽر سيد تبسم عباس شاهه تي ٻڌل ٻه رڪني ڪميٽي ٺاهي وئي جيڪا پر??سپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن ۽ پر??س انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي لاڳاپيل عملدارن سان گڏجي اخبارن کي درپيش مسئلن جي ازالي جي لاءِ ڪم ڪندي. وفد جي ميمبرن ۾ ڪنوينر اسلام آباد ممتاز حسين ڀٽي (اي??يٽر روزاني دن)، سيد تبسم عباس شاهه (اي??يٽر روزاني صدائي سچ)، عقيل ترين (اي??يٽر روزاني غزنوي)، زاهد فاروق ملڪ (اي??يٽر روزاني ميٽرو واچ)، حسن وقار تراب (اي??يٽر روزاني جهان)، جعفر علي بلتي (اي??يٽر روزاني سلام گلگت)، ظهير بخاري (اي??يٽر روزاني انڪشاف)، رائو احسان (روزاني سرمايه)، شمشاد مانگٽ (روزاني زور آور) ۽ اويس قاضي (اي??يٽر روزاني سن نيوز) شامل هئا.