اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايران جو صدر سيد ابراهيم رئيسي سڀاڻي خميس 18 مئي تي مند پشين بارڊر ڪ??اسنگ پوائنٽ تي مند – پشين بارڊر سسٽينينس مارڪيٽ پليس ۽ پولان – گبد بجلي ٽرانسميشن لائين جو گڏيل طور تي افتتاح ڪندا. پاڪ ايران گڏيل سرحد سان گڏ تعمير ڪ??ي ويندڙ 6 سرحدي مارڪيٽن مان هڪ مند – پشين بارڊر سسٽينينس مارڪيٽ پليس سرحد پار واپار کي وڌائڻ، ا??تصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ ۽ مقامي ڪاروبار جي ??اءِ موقعن جون نيون راهون کولڻ جي ??اءِ هڪ فروغ پذير پليٽ فارم فراهم ڪندي. اهڙي طرح پولان – گبد اليڪٽرسٽي ٽرانسميشن لائين ايران کان 100 ميگاواٽ اضافي بجلي آڻي خاندانن ۽ ڪاروباري ادارن سميت خطي جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب گڏيل افتتاح ترتيبوار پاڙِسري صوبن بلوچستان ۽ سيستان ۽ بلوچستان جي رهواسين جي ڀلائي لاءِ پاڪستان ۽ ايران جي ??ضبوط عزم جو مظهر آهي. اهو قدم ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ هڪ اهم اڳڀرائي طور تي پڻ ڪم ڪري ٿو.