اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان کي پ??لي?? جهڙي موذي مرض کان پاڪ ڪرڻ جي ل??ءِ حڪومت پرعزم آهي، پاڪستان جي مستقبل کي پ??لي?? کان پاڪ ڪرڻ تائين ذاتي نگراني سان پنهنجون ڪوششون جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان روٽري فائونڊيشن جي وفد انٽرنيشنل پ??لي?? پلس ڪميٽي جي سربراهه مائيڪ ميڪ – گورن جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ روٽري جي عهديدارن عزيز ميمڻ، فيض ڪنڊوائي، عدنان روحيلا ۽ لاڳاپيل وزارتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پ??لي?? جي خاتمي ل??ءِ روٽري انٽرنيشنل ۽ بل ۽ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. حڪومت پ??لي?? جي خاتمي جي ورڪرن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائي رهي آهي. وزيراعظم 2022ع جي ٻوڏ متاثرين جي ل??ءِ روٽري انٽرنيشنل پاران رهائشي منصوبن جي قيام جي پذيرائي ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي پ??لي?? جي اين??ڙ مهم جي ل??ءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم ٻڌايو ته روٽري انٽرنيشنل ۽ پ??لي?? جي خاتمي ل??ءِ مهم جي ل??ءِ ٻين حصيدارن به هلندڙ سال هڪ ڪروڙ 50 لک ڊالر مخصوص ڪيا آهن. ملاقات ۾ عملدارن وزيراعظم کي ملڪ ۾ پ??لي?? مهمن جي موجوده صورتحال بابت آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته ڏکڻ خيبرپختونخواهه پ??لي?? جي خاتمي ل??ءِ خصوصي مهم جي شروعات به ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي خاص طور تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي ته پ??لي?? ورڪرز جي سيڪيورٽي کي هر صورت ۾ فول پروف بڻايو وڃي. وزيراعظم صحت واري قومي وزارت جي عملدارن کي به ايندڙ پ??لي?? مهم جي خاتمي ل??ءِ مڪمل تياري جي هدايت ڪئي.