??سل??م آباد – 11– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پاڪستان ۾ ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر ليزلي اسڪينلون ملاقات ??ئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزارت ??سل??م آباد ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڪئناڊا سان سمورن شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو. ملاقات ۾ هن پاڪستان مان افرادي قو?? ڪئناڊا کي فراهم ڪرڻ جي حوالي سان پڻ اميد جو اظهار ڪيو.