اسلام آباد ̵1; 17 مارچ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته سمورين مشڪلاتن باوجود پاڪستان جو مستقبل روشن آهي، جهڙي طرح سينيٽ جي گولڊن جوبلي جي تقريبن جي ٽن ڏينهن ۾ هتي امن، نظم ۽ ضبط ۽ هڪٻئي جو احترام ۽ برداشت جو ڪلچر ڏٺو الله ڪري اهو سلسلو سدائين برقرار رهي. سينيٽ آف پاڪستان جي گولڊن جوبلي جون تقريبون منعقد ڪرڻ تي سينيٽ چيئرمين کي مبارڪون ??يندي هن چيو ته اسان کي پنهنجي وڏڙن طرفان ڌار ملڪ قائم ڪرڻ جي مقصدن کي نظر ۾ رکڻو پوندو، هن ٽن ڏينهن وارين تقريبن دوران امن، ڊسيپلين ۽ برداشت کانسواءِ هڪٻئي جو احترام ڏٺو، هي ڪنهن به مهذب پار??يا??ينٽ ۽ جمهوري نظام جو بنياد آهي، منهنجي دعا آهي ته هي ماحول جيڪو هتي نظر آيو اهو سدائين قائم ۽ دائم رهي. هن چيو ته سينيٽ آف پاڪستان عالمي معيارن موجب پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪري رهيو آهي، رابطا ۽ شفافيت پار??يا??ينٽ لاءِ اهميت رکندڙ آهن، ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته انتظامي ۽ پاليسي قدمن سان وفاق، جمهوريت ۽ گورننس مضبوط ٿيندي، سينيٽ جي ڪارروائي ۾ عوامي شرڪت بهترين قدم آهي، ان سان عوام جو پار??يا??اني جمهوريت تي اعتماد بحال ٿيندو. هن چيو ته هي جمهوريت، پار??يا??ينٽ، قانونسازن ۽ پاڪستان جي عوام لاءِ وقت آهي ان سان گڏو??ڏ هي وفاق ۽ وفاقي ٿنڀن جو وقت آهي، هن چيو ته 50 سال اڳ هن سينيٽ جو قيام پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ نئون باب آهي ۽ ان سان وفاق پاڪستان کي استحڪام مليو، هن چيو ته موجوده چيئرمين سان گڏوگڏ اڳوڻي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين کي به مبارڪون ??يون ٿا جنهن وفاق کي درپيش مسئلن جو هتي ذڪر ڪيو. هن چيو ته چئلينجن جي باوجود هڪ روشن مستقبل پنهنجي سامهون نظر ا??ي رهيو آهي، پنهنجي محبوب وطن ۽ پنهنجي عوام لاءِ روشن مستقبل نظر ا??ي رهيو آهي، ڪلمي جي بنياد تي حاصل ٿيل ملڪ کي الله هر طرح جي خطرن کان محفوظ رکي.