اسلام آ??اد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪ ۾ موثر قانونسازي ۽ ملڪي ترقي ۽ خ??شح??لي جي لاءِ ان جي اهميت تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ??ئي. ملاقات ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ پڻ موجود هئا.