اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف ڪپهه جي آبادگارن لاءِ وڏو فيصلو ڪندي ڪپهه جي هلندڙ سال قيمت ساڍا 8 هزار رپيا في مڻ (40 ڪلوگرام) مقرر ڪرڻ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جڏهن ته وز??راعظم هدايت ڪئي آهي ته ڪپهه جي سپورٽ پ??ائيس جلد کان جلد اقتصادي رابطا ڪميٽي مان منظور ڪرائڻ جي لاءِ پيش ڪئي وڃي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ زرعي ٽاسڪ فورس جو جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪپهه جي پيداوار وڌائڻ ۽ ڪپهه جي سپورٽ پ??ائيس مقرر ڪرڻ تي تف??يل?? ڳالهه ٻولهه ٿي. اجلاس ۾ وفاقي وز??ر اسحاق ڊار، سيد نويد قمر، طارق بشير چيما، پنجاب جي نگران وڏي وز??ر سيد محسن رضا نقوي، وز??راع??م جي صلاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل سال ٻوڏ، برساتن، واهه جي پاڻي جي کوٽ ۽ ڀاڻ جي بحران سبب ڪپهه جي پيداوار ۾ خاطرخواهه گهٽتائي ٿي. هلندڙ سال ڪپهه جي مجموعي پيداوار جو ڪاٿو 12.77 ملين بيلس لڳايو ويو آهي جڏهن ته ڪپهه جي سپورٽ پ??ائيس ۽ حڪومتي قدمن سان نه رڳو ڪپهه جي پيداوار جي زمين تي في ايڪڙ پيداوار ۾ خاطرخواهه اضافو متوقع آهي. اجلاس ۾ ڪپهه جي ايڪڙ لاڳت ۽ ان جي ٻين فصلن سان ڀيٽ پڻ پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي وز??راعظم هدايت ڪئي ته صوبائي حڪومتون آبادگارن کي ڪپهه جي مقرر ڪيل قيمت جي فراهمي يقيني بڻائين. وفاقي حڪومت مقرر ڪيل سپورٽ پ??ائيس تي عملدرآمد جي لاءِ صوبائي حڪومتن جي هر ممڪن مدد ڪندي. وز??راعظم چيو ته حڪومت ڪپهه جي في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. ڪپهه جي فصل جي في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ جي لاءِ تجويزون جوڙڻ ۾نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت تيز رفتاري سان پنهنجو ڪم مڪمل ڪري. ڪپهه پاڪستان جي پرڏيهي ناڻو ڪمائيندڙ فصل آهي. وز??راعظم چيو ته ڪپهه اسان جي ٽيڪسٽائيل جي صنعت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي. اسان ڪپهه جي ابادگارن کي سهولتون فراهم ڪري انهن جي پيداوار ۾ اضافو ڪنداسين، ان سان نه رڳو ٽيڪسٽائيل جي برآمد ۾ اضافو ٿيندو پر ڪپهه جي درآمد تي خرچ ٿيندڙ واري قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائي سگهبو. وز??راعظم فوري طور تي انهن قدمن تي عملدرآمد جي هدايت ڪئي.