اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عورتن جو عالمي ڏهاڙو رڳو عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ فروغ جي ت??دي?? عزم جو ئي نه پر هڪ گهر کي خاندان، معاشري کي ماءُ، ڀيڻ، ڌيءَ ۽ زال جهڙن ر??تن سان مهذب سماج بڻائيندڙ عورتن جي قربانين، خدمتن ۽ وفائن جي اعتراف جو پڻ ڏينهن آهي. عورتن جي عالمي ڏينهن جي مو??عي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن عورتن کي سلام پيش ڪندي چيو ته هر گهر ۾ ٻا??ڙين سان برابر سلوڪ سان ئي ترقي ٿيندي. عورتن جي عالمي ڏينهن تي انهن والدين، استادن کي پڻ سلام جيڪي پنهنجي ڌيئرن ۾ فرق نه ٿا ڪن ۽ انهن جي زندگين ۾ اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڪن ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هڪ ٻا??ڙي جي تعليم جو مطلب نسلن جي ترقي آهي، هڪ صحتمند بااعتماد ڌيءَ سان ئي هڪ صحتمند بااعتماد ۽ باوقار قوم وجود ۾ اچي ٿي.