اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان جرمن مملڪتي وزير ڊاڪٽر ٽوبياس لينڊر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن سميت اهم علائقائي ۽ عا??مي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب مملڪتي وزير حنا رباني کر پاڪستان پاران جرمني سان دوستي ۽ تعاون تي ٻڌل پراڻن لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏيندي واپار، سيڙپڪاري، اعليٰ تعليم، پيشيواراڻي تربيت، مائيگريشن ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ گهڻ رخي ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي گهري خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي طرفن ٻنهي ملڪن جي وچ ?? قانوني هجرت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ تازو ئي ليٽر آف انٽينٽ تي صحيحون ڪرڻ جي قدم کي ساراهيو. پاڪستان جي ٻوڏ کان بچاءُ جي ڪوششن ۾ خاطرخواهه تعاون تي جرمني جا ٿورا مڃيندي مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ٻو?? سان ٿيندڙ تباهي موسمياتي تبديلي ۽ غذائي تحفظ جهڙن گڏيل چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي وزيرن اهم علائقائي ۽ عا??مي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جن ۾ افغانستانجي صورتحال، يوڪرين تڪرار، ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار ۽ عا??مي برادري کي درپيش معاشي چئلينجز شامل آهن.