اسلام آباد– 17 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ت??ج??ان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ ”ڪوپ 27“ جي ت??زي سربراهه اجلاس کي موسمياتي ت??ديلي سان ملڪ ۾ ا??ند?? تباهي آڻ??ند?? ٻوڏ سان ٿ??ند?? نقصانن، ٻوڏ کان متاثر علائقن جي صورتحال، بحالي ۽ نئين سر تعمير جي حڪو??تي قدمن کان آگاهه ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ت??ج??ان پريس بريفنگ ۾ چيو ته ان دوري پاڪستان کي ماحولياتي ت??ديلين جي اثرن خاص طور تي پاڪستان ۾ ان سان ا??ند?? تباهي آڻ??ند?? ٻوڏ سان ٿ??ند?? تباهي کي اجاگر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. هن چيو ته سربراهه اجلاس وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي عالمي اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه، گڏيل ڳڻتي جي ٻطرفي ۽ علائقائي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو پڻ فراهم ڪيو. وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، سعودي عرب جي ولي عهد ۽ جرمن چانسلر سان پڻ ملاقاتون ڪيون جڏهن ته هن بحرين ۽ ڪويت جي ولي عهد، ايسٽونيا، تاجڪستان، عراق، گڏيل عرب امارات ۽ يورپي ڪائونسل جي صدرن سان پڻ ملاقات ڪئي. وزيراعظم ان دوران بيلجيئم، هال??نڊ?? ناروي، اسپين، لبنان جي وزيراعظمن ۽ انڊونيشيا جي نائب صدر سان گڏوگڏ عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل ۽ آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. شرم الشيخ ۾ ”ڪوپ 27“ جي سربراهه اجلاس ۾ وزيراعظم سان گڏ پرڏيهي وزير، موسمياتي ت??ديلي واري وزير، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ۽ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير شرڪت ڪئي.