اسلام آباد– 16 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي لڪي مروت ۾ پوليس وين تي دهشتگرد حملي جي مذمت ۽ قيمتي جانين جي زيان تي افسوس جو اظ??ار ڪندي چيو آهي ته اهڙي بزدلاڻي ڪارروائي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قوم جي عز?? کي ڪمزور نه ٿي ڪري سگهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جار?? بيان موجب صدر دهشتگردي جي واقعي ۾ قيمتي جاني نقصان تي گهري افسوس جو اظ??ار ڪيو. صدر چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن، قوم پنهنجي شهيدن تي فخر ڪري ٿي. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن کي قوم سدائين ياد رکندي آهي. اهڙيون بزدلاڻيون ڪارروايون دهشتگردي جي خلاف قوم جي عز?? کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. صدر پوليس جي شهيدن کي خراج تحسين، پونئيرن سان همدردي جو اظ??ار ڪيو. هن شهيدن جي لاءِ درجن جي بلندي ۽ وارثن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.