اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي گلگت بلتستان ڪنساليڊيٽ??ڊ فنڊ مان 3 ارب رپيا گلگت بلتستان حڪومت جي ڪنساليڊيٽ??ڊ فنڊ ۾ ٽرانسفر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب گلگت بلتستان حڪومت اهي فنڊ ٻوڏ سٽيلن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مد ۾ خرچ ڪري سگهندي. صدر منظوري گلگت بلتستان آرڊر 2018ع جي آرٽيڪل 121 تحت ڏني آهي. ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري و??ارت جي سمري جي منظوري و??يراعظم جي ايڊوائيس تي ڏني و??ي آهي.