اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ مالديپ ??ي وچ ۾ گڏيل دلچسپي ??ي سمورن شعبن خاص طور تي تعليم، صحت ۽ سياحت جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪر?? جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مالديپ ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر وائس ايڊمرل (ر) محمد فياض گيلاني سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن اي??ان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته نامزد سفير خاص طور تي مالديپ ??ان واپار، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري، عوام سان عوام جي رابطن، صحت، تعليم، دفاع، موسمياتي تبديلي، سياحت، انساني وسيلن جي ترقي سان گڏوگڏ مختلف شعبن ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپا ??ائم ڪر?? تي ڌيان ڏي. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياحت جي صنعت ۾ تعاون جي امڪانن کي اجاگر ڪيو ۽ چيو ته مالديپ ??المي معيار ??ي سياحتي جڳهه آهي ۽ پاڪستان ان جي مهارت مان فائدو کڻي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان مالديپ ??ي شاگردن کي مختلف تعليمي شعبن ۾ چٽاڀيٽي ۽ اعليٰ معيار جي تعليم فراهم ڪر?? جي لاءِ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۽ ورچوئل يونيورسٽي آف پاڪستان جي فاصلاتي تعليم ۽ هائبرڊ لرننگ ۽ تعليمي مهارت پيش ڪري سگهي ٿو. صدر عارف علوي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجود خوشگوار لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته نئون مقرر ٿيندڙ هاءِ ڪمشنر ٻنهي ملڪن سان گڏوگڏ او آءِ سي، سارڪ، گڏيل قومن ۽ دولت مشترڪه جي فريم ورڪ جي اندر تعاون جي فروغ لاءِ سمورا دستياب سفارتي طريقيڪار بشمول ٻطرفي سياسي مشاورت، گڏيل اقتصادي ڪميشن ۽ گڏيل ڪاروباري ڪائونسلن جي وچ ۾ ٻطرفن رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ موثر طريقي سان استعمال ڪندو. صدر سفير کي مالديپ ??ي صدر ابراهيم محمد صالح کي پنهنجي مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جو پيغام پهچائڻ جو پڻ چيو.