اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي ڪوئيٽا سبي ٽرانسميشن لائين بحال ڪئي وئي جنهن ک??نپوءِ ڪوئيٽا کي 300 ميگاواٽ بجلي جي فراهمي شروع ٿ?? وئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب 220 ڪي وي ڪوئيٽا انڊسٽريل گرڊ اسٽيشن به بحال ڪئي وئي آهي جنهن ک??نپوءِ علائقي جي 132 ڪي وي جي 19 گرڊز ڪوئيٽا انڊسٽريل گرڊ اسٽيشن سان ڳنڍ??و ويو آهي. قومي شاهراهه اين – 65 (سکر – ڪوئيٽا) کي پڻ هيوي ٽريفڪ جي لاءِ بحال ڪ??و ويو آهي جنهن سان نصيرآباد ڊويزن ۽ ٻين ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ امدادي سامان پهچائڻ ۾ آساني ٿيندي. واضح رهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ بحالي جي ڪمن کي پاڻ مانيٽر ڪري ??هيو آهي. ان حوالي سان کيس روزاني جي بنياد تي رپورٽ پيش ڪئي پئي وڃي.