اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قابل تجديد توانائي ئي پاڪستان جو مستقبل آهي، متبادل توانائي جو استعمال ڪندي سستي بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي جنهن سان عوام تي مهانگائي جو بار به گهٽ پوندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار چيني ڪمپني زونرجي جي وف?? سان ملاقات ۾ ڪيو. وف?? جي قيادت ا??گزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ۽ زونرجي ڪارپوريشن جي صدر رچرڊ جي گائو ڪئي. وزيراعظ?? چيو ته پاڪستان جي درآمدي جو وڏو حصو بجلي پيدا ڪرڻ جي لاءِ مهانگو ٻارڻ درامد ڪرڻ ۾ خرچ ٿئي ٿو، ان پرڏيهي ناڻي کي بچائڻ جي لاءِ ضروري آهي ته اسان قابل تجديد توانائي جي استعمال طرف وڌون. وزيراعظ?? چيو ته شمسي توانائي منصوبن جي حوالي سان اربع ڏينهن هڪ پري بڊنگ ڪانفرنس اسلام آباد ۾ ٿيڻ وڃي رهي آهي. وزيراعظ?? چيو ته پاڪستان ۽ چين بهتر??ن دوست آهن، چين هر داخلي ۽ پرڏيهي محاذ تي پاڪستان جي حمايت ڪئي ۽ پاڪ چين اقتصادي لنگهه جيڪو چين جي وسيع تر منصوبي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي??و جو حصو آهي، جي ذريعي چين پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر جي تعمير، صنعت ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي. وزيراعظ?? چيو ته اسان قائداعظم سولر پاور بهاولپور جو 300 ميگاواٽ جو منصوبو رڪارڊ مدي ۾ پورو ڪيو هو ۽ اسان جي اڳتي به اها ئي ڪوشش رهندي ته اسان قابل تجديد توانائي خاص طور تي سولر، ونڊ انرجي جي حوالي سان سيڙپڪاري کي فروغ ڏيون. ملاقات ۾ سيڙپڪاري بورڊ واري وف??قي وزير چوڌري سالڪ حسين، منصوبابندي واري وف??قي وزير احسن اقبال، توانائي واري وف??قي وزير انجنيئر خرم دستگير، قانون واري وف??قي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر جهانزيب خان، ظفرالدين محمود ۽ فهد حسين شرڪت ڪئي. زونرجي ڪارپوريشن پاران وزيراعظم کي فلڊ ريليف فنڊ جي لاءِ هڪ وڏي رقم جو چيڪ پڻ عطيو ڪيو ويو.