اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب شهباز گل کي اسلام آباد پوليس جي حوالي نه ڪرڻ جي قدم کي توهين عدالت قرار ڏيندي چيو آهي ته عمران خان ۽ پنجا?? حڪومت عدالت جي واضح ??ڪم جي توهين ڪئي آهي، وفاقي پوليس جي جوابدار کي عمران خان جي ??ڪم تي پنجا?? حڪومت اغوا ڪري رهي آهي، شهباز گل طبي طور تي بلڪل ٺيڪ آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن ??يو ته عمران خان جو شيطاني دماغي رويو ڪ??هن قانون ۽ اداري کي نه ٿو مڃي، عمران خان 8 سالن تائين فارن فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن مان ڀڄندو رهيو آهي. هن ??يو ته عمران خان ۽ پي ٽي آءِ عدالتن ۾ پنهنجي خلاف سمورن ڪيسن ۾ خلاف ورزي ڪئي، عمران خان نوٽيس جي جواب ۾ ايف آءِ اي کي رڪارڊ ۽ جواب ڏيڻ کان انڪار ڪيو. مريم اورنگزيب چيو ته سياسي مخالفن کي جعلي ڪيسن ۾ جيلن ۾ وجهندڙ عمران خان پنهنجو وارو اچڻ تي قانون جو باغي بڻجي ويو آهي، عمران خان ادارن جي اندر بغاوت جي ڪال ڏني آهي. هن ??يو ته شهباز گل جي ڪيس ۾ جاچ ٿي رهي آهي ته عمران خان پنجا?? حڪومت جي آءِ جي کي استعمال ڪيو، اهو سلسلو ڪالهه کان جاري آهي. هن ??يو ته اهو هوندو آهي ته ??خت??ارن جو ناجائز استعمال، ان کي نه ته توهين عدالت جي پرواهه آهي ۽ نه ئي قاعدن ۽ ضابطن جي، عمران خان کي آئين ۽ ڪ??هن قاعدي ۽ قانون جي ڪا پرواهه نه آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان چئي رهيو آهي شهباز گل کي اگهاڙو ڪري ماريو ويو جڏهن ته پنجاب جي قانون وارو وزير جڏهن شهباز گل سان ملي آيو ته هن ميڊيا آڏو چيو ته شهباز گل بلڪل ٺيڪ ۽ فٽ آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته شهباز گل اڊيالا جيل ۾ وفاقي پوليس جو قيدي آهي، ڪو قانون اجازت نه ٿو ڏي ته پنجا?? حڪومت خط لکي روبڪاري جاري ڪرائي. هن ??يو ته عدالت جو فيصلو اچي چڪو آهي، شهباز گل جو ريمانڊ ٿي ويو آهي، عدالت جي فيصلي تي پوري طرح عمل ڪيو ويندو. هن ??يو ته پنجا?? حڪومت ۽ پرويز الاهي هن وقت فلڊ ايرياز ۾ نه ٿا وڃي سگهن پر شهباز گل جي روبڪاري جي لاءِ هن وقت پنجاب جي سي ايم هائوس ۾ قانون جون ڌڄيون اڏايون پيون وڃن.