اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ان جي ذيلي ادارن ??ي ملازمن ۽ آفيسرن پرائيم منسٽر ريليف فنڊ ۾ رضاڪاراڻي طور تي عطيو ڏيڻ جو ا??لان ڪي?? آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي اپيل تي اطلاعات واري وزارت ۽ ذيلي ادارن ??ي گريڊ 1 کان 16 تائين جا ملازم پنهنجي هڪ ڏينهن جي پگهار رضاڪاراڻي طور تي تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر عوام جي مدد ل??ءِ قائم ريليف فنڊ ۾ جمع ڪرائيندا. جڏهن ته گريڊ 17 کان گريڊ 22 تائين جا سڀئي آفيسر پنهنجي 7 ڏينهن جي پگهار پرائيم منسٽر فلڊ ريليف فنڊ ۾ عطيو ڪندا. اطلاعات واري وزارت جي ملازمن چي?? آهي ته اطلاعات واري وزارت ۽ ان جي ذيلي ادارن ??ا ملازم هن مشڪل وقت ۾ حڪومت ۽ متاثر عوام سان گڏ بيٺل آهن. وزارت جا سمورا ملازم ۽ آفيسر ٻوڏ سبب متاثر علائقن جي بحالي ۽ ٻوڏ متاثرين جي مدد ل??ءِ وزيراعظم ۽ اطلاعات واري وفاقي وزير جي اپيلن تي امدادي رقم فلڊ ريليف فنڊ ۾ جمع ڪرائڻ جو ا??لان ڪي?? آهي.