لاهور – 07 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گورننس جي بهتري ملڪ جي ترقي لاءِ ضروري آهي، ايندڙ نسلن جي لاءِ اسان کي ملڪ جو نظام ٺيڪ ڪرڻو آهي، ڪر??شن جي ڪا گنجائش نه آهي، ٿاڻو ڪلچر تبديل ڪيو وڃي، ادارن ۾ جزا ۽ سزا جو نظام متعارف ڪرايو وڃي، سياسي دٻاءُ کانسواءِ ميرٽ تي ڪم ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب صوبي جي سول آفيسرن بشمول انتظامي کاتن جي سيڪريٽرين، ڪمشنرز، ڊپٽي ڪمشنرز، ريجنل پوليس آفيسرن سان وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، پنجاب جو چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پنجاب پڻ ??وج??د هئا. وزيراعظم عمران خان چيو ته پا??ست??ن کي مشڪل معاشي صورتحال درپيش رهي، معيشت قرضن جي بار هيٺ رهي، جنهن جي ڪر?? تعليم، صحت ۽ ترقياتي منصوبن جي لاءِ گهربل. وسيلن جي کوٽ درپيش رهي. هن چيو ته ڪر??شن جي ڪر?? به معيشت کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، انهي جي ڪر?? اسان جي حڪومت ڪر??شن جي خلاف جهاد شروع ڪيو، 60ع جي ڏهاڪي ۾ پا??ست??ن جي ترقي جا مثال ڏنا ??يندا هئا، ڪر??شن سدائين مٿي ۽ ايليٽ طبقي کان شروع ٿئي ٿي. وزيراعظم عمران خان چيو ته هي ملڪ اسان جو آهي، اسان جو جيئڻ مرڻ هن ئي ملڪ سان آهي، ايندڙ نسلن جي لاءِ نظام ٺيڪ ڪرڻو آهي، گورننس جي بهتري ملڪي ترقي جي لاءِ ضروري آهي. هن وقت ملڪ ۾ معاشي ترقي جي لاءِ سڀ کان اهم شعبو تعميرات جو آهي. ان سان روزگار جا موقعا ملندا.