لاهور – 18 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان پي ٽي آءِ سينٽرل پنجاب جي صدر اعجاز احمد چوڌري ملاقات ڪئي، ملڪي سياسي صورتحال سميت ٻين اهم معاملن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موق??ي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ڳالهائيندي چيو ته شهباز شريف جي ڪارن ڪرتوتن تان پردو کڄي چڪو آهي، ثابت ٿيو ته منظور پاپڙ واري جي ??ڪا??ونٽ کي شهباز شريف پنهنجي ٻه نمبري جي لاءِ استعمال ڪيو، وفاقي وزير چ??و ته پي ٽي آءِ جي حڪومت (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي اڳوڻي ڪرپش?? جي ڪري مشڪلات?? جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل پنهنجي ملڪ کي به ريسڪيو ڪري رهي آهي پر مخالف ڌر کي ان سان به پريشاني ٿي آهي، مخالف ڌر جي قسمت ۾ روئڻ لکجي چڪو آهي، عوام انهن ٻهروپ?? جي سياسي ڍونگ ۾ نه ايندي، اهي سڀ پنهنجي سياست جي ٻڏل ٻيڙي کي بچائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، عوام هاڻي باشعور ٿي چڪي آهي، اها ملڪ جو رت چوسيندڙ?? جي افراتفري ت?? ڌيان نه ڏيندي، انهن جون رڙيون رڳو ڦريل مال کي بچائڻ جي لاءِ آهن، پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ جي قيادت سدائين ڦرلٽ کي اختيار ڪيو ۽ ملڪ کي نقصان پهچايو آهي.