اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرونا وائرس سان اسرندڙ ملڪن جون معيشتون تباهي جو شڪار ٿي سگهن ٿيون، ترقي يافته ملڪ پاڪستان جهڙي اسرندڙ ملڪ جا ڪجهه قرض معاف ڪرڻ تي غور ڪن. آمريڪي خابرو اد??ري ايسوسيئيٽيڊ پريس کي پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ ڪرونا جو مسئلو شدت اختيار ڪري ٿو ته ان س??ن حڪومت طرفان خراب معيشت کي بهتر بنائڻ جي حڪومتي ڪوششون متاثر ٿي??، برآمدات ۾ گهٽتائي، بيروزگاري ۾ اضافي ۽ قرض جو بار وڌڻ جو خدشو آهي.