اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ توانائي جي وڌندڙ طلب جي ڪري سوئس ڪمپنين جي لاءِ بجلي جي قابل تجديد، هائيڊل ۽ ڪلين ٽيڪنالاجي پيداواري منصوبن ۾ تمام گهڻي منافعي وا??ا موقعا موجود آهن. اهڙن خيالن جو ??ظه??ر هن سوئس ڪنفيڊريشن جي ڪائونسل آف اسٽيٽس جي صدر جين ريني فري??ر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.