اسلام آباد ?? 29 ??? مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان متحده قومي موومينٽ جي اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب متحده قومي موومينٽ جي وفد ۾ ڪنوينر خالد مقبول صديقي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وفاقي و??ير امين الحق شامل هئا. ملاقات ۾ وفاقي و??ير سردار اياز صادق پڻ شريڪ ٿيو. ملاقات ۾ متحده جي ميمبرن وزيراعظم کي قوم?? اسيمبلي ۾ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل جي منظوري تي مبارڪباد ڏني. وفد وزيراعظم کي آدمشماري جي حوالي سان پنهنجي خدشن ۽ ڪراچي جي مسئلن بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم متحده جي سمورن خدشن کي ختم ڪرڻ ۽ انهن جي مسئلن جي حل جي فوري هدايت ڪئي.