اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ موسمياتي لحاظ کان لچڪدار ۽ پائيدار بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ عالمي مدد ۽ حمايت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان انٽرنيشنل ??ان??رنس 9 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ منعقد ڪئي ويندي، وزيراعظم شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس ??ان??رنس جي گڏيل طور تي ميزباني ڪندا. پاڪستان پاران ??ان??رنس ۾ ريزيليئنٽ ريڪوري، بحالي ۽ نئين سر تعمير جو فريم ورڪ (آر ايف 4) پيش ڪيو ويندو، اها ??ان??رنس م??وز?? فريم ورڪ جي بنياد تي پاڪستان جي دوستن ۽ ترقياتي حصيدارن سان ڊگهي مدي واري حصيداري قائم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ عالمي يڪجهتي جي اظها?? طور ڪم ڪندي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقبل نمائندي خليل هاشمي، ريزيڊنٽ نمائنده يو اين ڊي پي پاڪستان ناٽ اوٽسبي ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري (گڏيل قومون) پرڏيهي وزارت سيد حيدر شاهه جنيوا ۾ ميڊيا کي بريفنگ ۾ ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان انٽرنيشنل ??ان??رنس 2023ع جي مقصدن، ان جي اهميت ۽ ??ان??رنس جي پروگرام بابت آگاهه ڪيو. ايڊيشنل سيڪريٽري سيد حيدر شاهه وڊيو لنڪ ذريعي ميڊيا بريفنگ ۾ ٻڌايو ته عالمي ??ان??رنس پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ متاثر علائقن ۾ موسمياتي لحاظ سان هڪ لچڪدار ۽ بهتر انداز ۾ نئين سر تعمير جي عمل جي لاءِ پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت جي لاءِ عالمي حمايت حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ موثر پليٽ فارم ثابت ٿيندي. هن چيو ته پاڪستان ريسڪيو ۽ ريليف جي مرحلي مان بحالي ۽ نئين سر تعمير جي اهم ڪم طرف وڌي رهيو آهي. ان مقصد جي لاءِ عالمي ??ان??رنس ۾ ريزيليئنٽ ريڪوري، بحالي ۽ نئين سر تعمير جو فريم ورڪ (آر ايف 4) پيش ڪيو ويندو. پاڪستان ان فريم ورڪ جي نفاذ جي لاءِ عالمي تعاون ۽ ڊگهي مدي واري حصيداري جو خواهشمند آهي. هن چيو ته فريم ورڪ جو دستاويز هڪ ترجيحي ۽ ترتيبوار منصوبي جو خاڪو پيش ڪري ٿو، جنهن جي وضاحت وفاقي ۽ صوبائي سطحن تي ڪئي وئي آهي ۽ ان ۾ کليل، شفاف ۽ گڏيل تعاون سان ان کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ مالياتي طريقيڪار ۽ اداراجاتي انتظام شامل آهن. ??ان??رنس جي افتتاحي سيشن جي سربراهي وزيراعظم ۽ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل ڪندا، ان کانپوءِ آر ايف 4 فريم ورڪ جي دستاويز جو ??اض??بطا افتتاح ٿيندو جڏهن ته پارٽنر سپورٽ جي اعلانن لاءِ پڻ سيشن مخصوص هوندو. بعد ۾ وزيراعظم پاڪستان ۽ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل گڏيل طور تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪندا. ??ان??رنس ۾ وزيراعظم ترقياتي حصيدارن جي تعاون سان ٻوڏ کان متاثر آبادي جي بحالي ۽ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحالي ۽ ملڪ کي وڌيڪ متحرڪ ۽ پائيدار اقتصادي ترقي جي ماڊل طرف منتقل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ويزن جو خاڪو پيش ڪندو. ??ان??رنس ۾ پاڪستان جا وفاقي وزير فريم ورڪ دستاويز جي وضاحت ڪندا ۽ موسمياتي لچڪ ۽ موافقت جي لاءِ پاڪستان جو ڊگهي مدي وارو منصوبو پڻ پيش ڪندا. ان کانسواءِ چئني صوبن جو موقف لاڳاپيل صوبائي نمائندا بيان ڪندا. ??ان??رنس ۾ مختلف ملڪن جا ملڪي ۽ حڪومتي سربراهه، ڪيترن ئي ملڪن جا وزير ۽ اعليٰ سطحي نمائندا ۽ عالمي مالياتي ادارن، فائونڊيشنز ۽ فنڊز سان گڏوگڏ عالمي ترقياتي تنظيمن، نجي شعبي، سول سوسائٽي ۽ آءِ اين جي اوز جا نمائندا شرڪت ڪندا. اها ??ان??رنس آر ايف 4 دستاويز جي بنياد تي پاڪستان جي دوستن ۽ ترقياتي حصيدارن سان ڊگهي مدي واري حصيداري قائم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي عوام سان عالمي يڪجهتي جي اظها?? طور تي ڪم ڪندي. ريزيڊنٽ نمائنده يو اين ڊي پي پاڪستان نٽ اوٽسبي پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جو جائزو پيش ڪيو ۽ چيو تهپ اڪستان کي ريزيليئنٽ ريڪوري جي لاءِ عالمي برادري جي تعاون ۽ حمايت جي ضرورت آهي. هن چيو ته اها صورتحال موسمياتي تبديلين جي اثرن جو نتيجو آهي جڏهن ته ان جي ڪري رونما ٿيندڙ اڻوڻندڙ صورتحال ٻين ملڪن ۾ به درپيش آهي. اسان کي خبر آهي ته ان جا اثر ڪنهن خاص ملڪ يا علائقي تائين محدود نه رهندا ان لاءِ ان عالمي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ضرورت جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي جنهن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان کي پنهنجا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ سان گڏوگڏ عالمي برادري جي تعاون جي پڻ ضرورت آهي. نٽ اوٽسبي چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين مشڪلاتن جو شڪار آهن، سرديءَ جي موسم شروع ٿي وئي آهي جڏهن ته ايندڙ چوماسي جي شدت بابت پڻ اندازو نه ٿو لڳائي سگهجي. پاڪستان کي فنانس ۽ فني تعاون سميت ڊگهي مدي واري حمايت جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان انٽرنيشنل ??ان??رنس ان سلسلي ۾ روڊ ميپ فراهم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ان ۾ عالمي حصيداري، وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ، عملدرآمد ۽ مانيٽرنگ جو انتظام پڻ شامل هوندو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي خليل هاشمي چيو ته هي ??ان??رنس پاڪستان جي لاءِ وڏي اهميت رکندڙ آهي ۽ ٻوڏ جي ڪري پيدا ٿيندڙ اڻوڻندڙ صورتحال مان نڪرڻ ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ مددگار ثابت ٿيندي. هن چيو ته ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان انٽرنيشنل ??ان??رنس ۾ وڏي انگ ۾ نمائندن جي شرڪت متوقع آهي، 40 کان وڌيڪ ملڪن کي ??ان??رنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي جنهن ۾ مختلف ملڪن جا 5 کان 6 ملڪي ۽ حڪومتي سربراهه، 8 وزير سطح جي عهديدارن کانسواءِ عالمي ادارن ۽ تنظيمن سان گڏوگڏ نجي شعبي جا نمائندا شرڪت ڪندا. هن چيو ته هي ??ان??رنس پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي سان ريڪوري جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي جي لاءِ وڏي اهميت رکندڙ آهي ۽ اسان کي ان مان وڏيون مثبت اميدون آهن.