اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب بلوچستان جي علائقي ڪيچ ۾ سيڪيورٽي فورسز تي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪئي آهي. هن پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته باقي بچيل چند دهشتگردن جون اهي بزدلاڻيون ڪارروايون آهن، کين ڪٿي به لڪڻ نه ڏينداسين. مملڪتي وزير چيو ته سيڪيورٽي فورسز ملڪ جي هر حصي مان دهشتگردي جي مڪمل خاتم?? لاءِ پرعزم آهن، شهيد اسان جا ه??رو آهن انهن جو خون رائيگان نه ويندو. هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جي ان واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي شهيدن جي بلند درجن لاءِ دعاڳو آهيون.