اسلام آباد– 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هباز شريف اڄ اڳاري تي ڪوپ 27 جي هائي ليول سيگمنٽ جي ٻئي ڏينهن پنهنجي نارويجين هم منصب سان گڏ ”ڪ??ائ??يٽ چينج اينڊ سسٽين ايبلٽي آف ولنر ايبل ڪميونٽيز“ جي عنوان سان اهم رائونڊ ٽيبل جي گڏيل صدارت ڪندو. وزيراعظم آفس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جو ڪانفرنس آف پارٽيز جي 27 اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ شرم الشيخ مصر جي دوري تي آهي اڄ وزيراعظم محمد ??هباز شريف جرمن چانسلر ۽ ??ها??ا جي صدر جي گڏيل ميزباني ۾ ٿيڻ واري اهم اجلاس ۾ به شرڪت ڪندو. ان اجلاس جو عنوان ”سڪيلنگ اپ ايڪشن اينڊ سپورٽ آن لاس اينڊ ڊيميج _ گلوبل شيلڊ اگينسٽ ڪ??ائ??يٽ رسڪ“ آهي. ان کان علاوه وزيراعظم محمد ??هباز شريف ان موقع تي اهم عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪندو.