راولپنڊي – 03 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجيز ۽ ڊيجيٽل پل??ٽ فارمز جو استعمال معاشري جي بهتري لاءِ آهي نه ڪي غلط معلومات يا جعلي پروپئگنڊ جي اوزار طور ج??ڙوڪ ڪيترن ئي ملڪن ۾ استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي. هو نيشنل ڊيفنس يونيورسٽي (اين ڊي يو) اسلام آباد جي دوري جي موقعي تي نيشنل سيڪيورٽي اينڊ وار ڪورس 23 جي شرڪت ڪ??دڙ?? کي خطاب ڪري رهيو هو. آءِ ايس پ?? آر موجب صدر قومي سلامتي سان لاڳاپيل معاملن تي ڳالهه ڪئي. هن چيو ته قوم جي حيثيت سان اسان کي پنهنجي سماجي ۽ ثقافتي قدرن جي حفاظت ڪرڻ گهرجي. صدر شرڪت ڪ??دڙ?? کي مشورو ڏنو ته اهي پنهنجو پاڻ کي تازي اڳڀرائي خاص طور تي آءِ ٽي، اي آئي ۽ ڪميونيڪشن جي شعبي ۾ اڳڀرائي کان باخبر رکن. مواصلاتي ٽيڪنالاجيز ۽ خاص طور تي ڊيجيٽل پل??ٽ فارمز جو استعمال معاشري جي بهتري لاءِ آهي نه ڪي غلط معلومات يا جعلي پروپئگنڊه جي اوزار طور ج??ڙوڪ ڪيترن ئي ملڪن ۾ استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي. صدر شاگردن تي زور ڏنو ته اهي پرامن ۽ خوشحال پاڪستان جي لاءِ سخت محنت ڪن. صدر مستقبل جي چئلينجن موجب مستقبل جي قيادت کي معياري تربيت فراهم ڪرڻ تي نيشنل ڊيفنس يونيورسٽي کي ساراهيو.