ڪراچي- 24 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ حڪومت ٻوڏ سبب متاثر ٿيل آبادگارن کي مفت ۾ ڪڻڪ جو ٻج فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وڏي وزير جي زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ چيو آهي ته ٻوڏ سبب متاثر ٿيل آبادگارن کي ربيع سيزن ل??ءِ 24 لک ايڪڙن ل??ءِ ڪڻڪ جو ٻج مفت ۾ ڏينداسين، جنهن جي فراهمي ايندڙ مهيني کان شروع ڪئ?? ويندي، سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن کي گهر به ٺهرائي ڏيندي، اسان جي ڪوشش آهي ته ٻوڏ متاثرن کي روڪ رقم ڏيئون ته جيئن هو پنهنجا گهر پاڻ ٺهرائي سگهن. منظوروساڻ جو سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ميڊيا ڳالهائيندي وڌيڪ چوڻ هو ته مون کي 29 آڪٽوبر کان 29 نومبر تائين ڏينهن خ??رناڪ نظر اچي رهيا آهن، مونکي هڪ مهينو خطرناڪ نظر اچي رهيو آهي ان دوران ملڪ ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. منظور وساڻ عمران خ??ن کي مشورو ڏيندي چيو ته عمران خ??ن سيڪنڊ ليڊر شپ بج??ءِ پاڻ سياسي پارٽين سان ڳالهيون ڪري، جيڪڏهن ڪو رستو نه ڪڍيو ويو ته حالتون خ??اب ٿينديون، جنهن سياستدانن جو وڏو نقصان ٿيندو. هن چيو ته عمران خ??ن لانگ مارچ نه ڪندو ٿي سگهي ٿو ته هو ڪارڪنن کي پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ احتجاج ڪرڻ جو چوي، منهنجي خواهش آهي ته عمران خ??ن نااهل نه ٿئي سياسي ميدان ۾ اچي مقابلو ڪري، ڪنهن اڳواڻ جي نااهل ٿيڻ جو مان مخالف آهيان. منظوروساڻ چيو ته ڪجهه ماڻه??ن ٻاهر ايندا، ڪجهه ٻاهران ايندا ۽ ڪجهه اندر ويندا، عمران خ??ن ل??ءِ ڏينهن خ??اب آهن، اليڪسڻ ڪڏهن ٿيندي اهو 29 نومبر کان پوءِ ٻڌائيندس ته عام چونڊون ڪڏهن ٿينديون، سنڌ ۾ ٻين پارٽين جو مستقبل ڪونهي ڪو، جي ڊي اي ختم ٿي چڪي آهي، فنڪشنل ليگ جي به پوزيشن گهٽ آهي.