اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سينيئر صحافي ۽ اينڪر پرسن ارشد شريف جي ڪينيا ۾ افسوسناڪ موت تي ارشد شريف جي ماءُ ۽ پاڪستان ۾ ڪينيا جي سفير کي ٽيليفون ڪئي، ارشد شريف جي ماءُ سان تعزيت جو اظهار ڪندي هن چيو ته پاڪستان ??ڪو??ت ارشد شريف جي موت جي حوالي سان ڪينيا جي ??ڪو??ت ۽ لاڳاپيل عملدارن سان رابطي ۾ آهي. هن ارشد شريف جي ماءُ کي سندس پٽ جي موت تي هيستائين ??يندڙ اڳڀرائي ۽ ملندڙ معلومات کان آگاهه ڪيو۔ هن چيو ته ارشد شريف جي موت تي تمام گهڻو ڏک آهي. گهروارن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهيان. ارشد شريف جي موت جي سببن جي خبر جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ڪينيا جي ??ڪو??ت سرڪاري طور تي ارشد شريف جي موت بابت هيستائين ڪجهه ناهي ٻڌايو، جيئن ئي ڪينيا جي ??ڪو??ت اسان کي آگاهه ڪندي، اسان تفصيلن کان ارشد شريف جي گهروارن ۽ عوام کي آگاهه ڪنداسين. هن چيو ته پاڪستان حڪومت ??ينيا جي ??ڪو??ت ۽ لاڳاپيل عملدارن سان رابطي ۾ آهي. هن چيو ته پاڪستاني ميڊيا تي ارشد شريف بابت جاري قياس آرائيون افسوسناڪ آهن. ڪينيا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر پوليس وارن سان رابطي ۾ آهي، ان کانسواءِ پاڪستان ۾ ڪينيا جي سفير سان به رابطو ٿيو آهي، جنهن مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي آهي. پاڪستان ۾ ڪينيا جو سفير پنهنجي حڪومت ??ان معلومات وٺي اسان کي آگاهه ڪندو. گهرو وزارت ڪينيا جي سيڪيورٽي ايجنسين سان رابطي ۾ آهي. حقيقتون عوام آڏو آڻينداسين. هن چيو ته تصديق ٿيل حقيقتون سامهون اچڻ تائين ??ياس آرائين کان پاسو ڪيو وڃي. ارشد شريف جي موت جي حوالي سان سمورين حقيقتن تائين ??هچنداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ گهروارن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.