ڪراچي-19 آڪٽوبر (اي پي پي)غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري کاتي جي وفاقي وزير ۽ چيئرپرسن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شازيه عطا مري چيو آهي ته وزيراعظم محمد شھباز شريف جي فلڊ ايمرجنسي ڪيش رليف تحت بينظيرانڪم سپورٽ پروگرام اڄ تائين ڪل 26 لک 46 هزار ٻوڏ متاثر خاندانن ۾ ڪيش رليف جي امدادي رقم ??رهائي وئي آهي، ان حساب سان سڄي ملڪ ۾ 66 ارب 17 ڪروڙ رپين کان و??يڪ رقم ??وڏ متاثر خاندانن ۾ ورهائي وئي آهي. وفاقي وزيرشازيه مري چيو ته ??ينظير انڪم سپورٽ پروگرام اڄوڪي ڏينهن تي وڌيڪ 5 ھزار خاندانن کي 25 هزار روپين جي امدادي رقم تقسيم ڪئي وئي. اھڙين ڳالهين جو اظهار ھن سندس ھڪ جاري بيان ۾ ڪيو آهي. ھن چيو ته هي رقم ??زيراعظم پاڪستان جي فلڊ رليف ڪيش اسسٽنس تحت ورهائي پئي وڃي ۽ ھيل تائين سنڌ جي 18 لک 12 هزار خاندانن ۾ 46 ارب رپيا ورهايا ويا آهن. بلوچستان جي 2 لک 10هزار کان و??يڪ متاثر خاندانن کي 5 ارب رپين کان و??يڪ امداد ڏني وئي آهي جڏه?? ته خيبر پختونخواهه جي 3 لک خاندانن کي 7 ارب 50 لک رپيا ادا ڪيا ويا. ھن و??يڪ چيو ته پنجاب ۾ 3لک 23 هزار خاندانن ۾ 8 ارب کان و??يڪ رقم ??رهائي وئي آهي، گلگت بلتستان جي 462 خاندانن کي 1 ڪروڙ 15 لک رپيا ڏنا ويا جڏه?? ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت رقم جي ورھاست دوران شفافيت کي يقيني بڻايو پيو وڃي.