اوسته محمد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ۽ گڏيل ق??من جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريس ڇنڇر ڏينهن جعفرآباد ضلع?? جي ٻوڏ سبب بري طرح متاثر علائقي اوسته محمد جو دورو ڪيو. بلوچستان جي چيف سيڪريٽري وزيراعظم شهباز شريف ۽ گڏيل ق??من جي سيڪريٽري جنرل کي چوماس?? جي تازين برساتن ۽ ٻوڏ، ٻوڏ کانپوءِ سموري صوبي ۾ امداد ۽ بحال?? جي ڪوششن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم شهباز شريف ان موقعي تي گڏيل ق??من جي سيڪريٽري جنرل کي ٻڌايو ??ه بلوچستان ايراض?? جي لحاظ کان پاڪستان جو سڀ کان وڏو صوبو آهي ۽ لاڳاپيل عملدارن کي ڏورانهن علائقن تائين پهچڻ ۾ مشڪلاتون درپيش آهن، هن ٻڌايو ??ه ٻوڏ سبب بنيادي ڍانچي، رستن ۽ رابط?? جي پلن کي شديد نقصان پهتو آهي، وزيراعظم چيو ??ه ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جي بحالي هڪ وڏو چئلينج آهي، وفاقي حڪومت رليف جي سرگرمين ۾ صوبائي حڪومت سان سهڪار ڪري رهي آهي تنهن هوندي به ايتري وڏي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ لاءِ عالمي برادري کي پاڪستان جي مدد لاءِ اڳتي اچڻو پوندو. وزيراعظم چيو ??ه بلوچستان قدرتي وسيلن سان مالا مال صوبو آهي ۽ سندس حڪومت بلوچستان جي ترقي تي ڌيان ڏئي رهي آهي. بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو ان موقعي تي گڏيل ق??من جي سيڪريٽري جنرل کي ٻڌايو ??ه ريسڪيو، رليف ۽ بحال?? جي ڪوششن لاءِ صوبائي حڪومت پنهنجا سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي. هن ٻوڏ متاثر ماڻهن جي امداد لاءِ عالمي برادري کان امداد جي اپيل ڪئي، ان کان اڳ اوسته محمد پهچڻ تي بلوچستان جي وقتي گورنر ۽ وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو وزيراعظم ۽ گڏيل ق??من جي سيڪريٽري جنرل جو استقبال ڪيو. اي پي پي/ر – م/س – و 15:43