دوحه – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ گڏيل احترام، اعتماد ۽ حمايت تي ٻڌل لاڳاپن جي خصوصي نوعيت کي اجاگر ڪندي قطري سيڙپڪ??رن کي پاڪستان ۾ قدم وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ ان کي خطي جو اولين واپاري، توانائي ۽ ٽرانسپورٽ ڪوريڊور بڻائي ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دوحه ۾ ”پاڪستان قطر واپار ۽ سيڙپڪاري گول ميز 2022ع“ جي موقعي تي ناليو??رن قطري ۽ پاڪستاني واپار?? اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. قطر فنانشل سينٽر، پاڪستان بزنس ڪائونسل قطر ۽ دوحه ۾ پاڪستاني سفارتخاني گڏيل طور تي گول ميز ڪانفرنس جو اهتمام ڪيو. قطر جي ناڻي واري وزير علي بن احمد انڪواري، قطر جي واپار ۽ صنعت واري انڊر سيڪريٽري سلطان بن راشد ۽ قطر فنانشل ڪنٽر جي سي اي او يوسف الخطر جيدا پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. قطر جي ناليو??رن ڪاروباري ۽ ڪارپوريٽ ايگزيڪيوٽويز سان گڏوگڏ قطر ۾ رهندڙ پاڪستانيواپاري برادري جي وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ وزير??عظ?? پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ گڏيل احترام، اعتماد ۽ حمايت تي ٻڌل لاڳاپن جي خصوصي نوعيت تي روشني وڌي. هن قطر کي هڪ اعتماد جوڳو پارٽنر قرار ڏنو جنهن جي حمايت کي سچي دل سان ساراهيو ويو. هن سڄي دنيا ۾ شديد مهانگائي جي رجحانن ۽ معاشي ٻاڙائي جي دور ۾ پاڪستان جي سپورٽ تي قطر کي ساراهيو. وزير??عظ?? چيو ته موجوده حڪومت هڪ اهڙي وقت ۾ اقتدار سنڀاليو جڏهن پاڪستان کي وڏي معاسي، واپاري خساري ۽ وسيلن تي وڏي دٻاءُ جهڙا چئلينجز درپيش هئا. هن وڌيڪ چيو ته ٻارڻ سميت درآمدات کي گهٽ ڪرڻ جو واحد رستو صنعتي پيداوار ۾ اضافو ۽ قابل تجديد توانائي کي استعمال ۾ آڻي ملڪ جي روانگي واپار کي وڌائڻ آهي. ملڪ جي هائيڊرو پاور جي وڏي صلاحيت کي اجاگر ڪندي وزير??عظ?? چيو ته پاڪستان خاص طور تي قطري سيڙپڪ??رن کي فوري منافعي جي لاءِ پن بجلي جي پيداوار ۾ سيڙپڪاري مان فائدو کڻڻ جي لاءِ غيرملڪي سيڙپڪاري جي آڇ ڪئي آهي. افغانستان ۾ ثالثي جي ڪردار تي قطر کي ساراهيندي هن چيو ته قطر نه رڳو افغانستان پر خطي ۾ امن ۽ هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. وزير??عظ?? چيو ته پاڪستان ۽ قطر کي واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ پنهنجي ڪوششن کي هم آهنگ ڪرڻ گهرجي. وزير??عظ?? ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ دوستاڻو ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي پڪي عزم کي اجاگر ڪيو. وزير??عظ?? ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان کي تمام گهڻي قدرتي ۽ انساني وسيلن سان نوازيو ويو آهي ۽ پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ ان کي خطي جو اولين واپاري، توانائي ۽ ٽرانسپورٽ ڪوريڊور بڻجڻ جي قابل بڻايو آهي. وزير??عظ?? چيو ته ان منفرد فائدي پاڪستان کي موقعن سان ڀرپور مارڪيٽ بڻائي ڇڏيو. وزير??عظ?? ان ڳالهه تي زور ڏنو ته وچولي طبقي سان گڏ هڪ وڏي صارف منڊي هجڻ جي ڪري پاڪستان غذائي تحفظ، توانائي سميت قابل تجديد ذريعن، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، مهمان نوازي ۽ سياحت جي شعبن ۾ سيڙپڪ??رن جي لاءِ پرڪشش ڪاروباري موقعا فراهم ڪيا آهن. وزير??عظ?? قطري سيرپڪ??رن کي پاڪستان ۾ پنهنجي قدرم وڌائڻ جي لاءِ حڪومت پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. هن پاڪستاني ۽ قطري واپارين سان گڏ گول ميز ڪانفرنس منعقد ڪرڻ ۾ منتظمين جي ڪوششن کي ساراهيو. ان کان اڳ قطر ۾ پاڪستان جي سفير پنهنجي آجياڻي واري خطاب ۾ ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته وزير??عظ?? جو دورو ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي لاڳاپن ۾ خاطرخواهه اضافي جو سبب بڻجندو. گول ميز دوران هڪ معزز پينل ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پينل ڊسڪشن ۾ بنيادي طور تي تعاون جي نئين شعبن کي ڳولڻ تي ڌيان ڏنو ويو ته جيئن ڪاروباري مضبوط رابطا قائم ٿين، پينلسٽ ۾ واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر، ڪيو ايف سٽ جو چيف بزنس آفيسر الانود بن حمد الثاني، اعزازي سيڙپڪاري ڪائونسلر محسن مجتبيٰ ۽ پاڪستان بزنس ڪائونسل جو صدر ڊاڪٽر جاويد اقبال شامل هئا.