نئين دهلي – 04 – آگسٽ (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني ق??ضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي غيرقانوني طور تي نظربند سينيئر اڳواڻ نعيم احمد خان 5 آگسٽ کي ڄمون ۽ ڪشمير جي تازي تاريخ جو ڪارو ڏينهن قرار ڏيندي چيو آهي ته هي ڏينهن ڀارت جي زوال جي شروعات آهي، جيڪو ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ آزادي جو تناسب تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. ڪشمير ميديا سروس موجب نعيم احمد خان نئين دهلي جي بدنام زمانه تهاڙ جيل مان پنهنجي هڪ پيغام ۾ ڀارت جي توسيع پس??داڻي ڏوهن تي روشني وجهندي چيو آهي ته ڪشميرين کان انهن جي سڃاڻپ کسڻ جو ڀارتي ق??م مسلمان اڪثريتي رياست کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي انهن جي گهري سازش جو حصو آهي. هن 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي ق??من کي انتهائي سنگين قرار ڏيندي چيو آهي ته شق 370 ۽ 35 اي کي منسوخ ڪرڻ نه رڳو ڀارتي آئين جي خلاف ورزي آهي پر گڏيل قومن جي ق??اردادن ۽ ٻين عالمي معاهدن جي روح جي به خلاف آهي. هن چيو ته هي هڪطرفو قدم عالمي ق??نونن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ق??اردادن جي ??را??ر خلاف ورزي آهي. هن چيو ته سنگين سياسي اثر رکندڙ اهو خطرناڪ قدم ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ ۽ ڪشميرين کي انهن جي وسيلن، ملازمتن، سڃاڻپ، ثقافت، زمين ۽ سڀ کان وڌيڪ خودمختياري جي حق کان محروم ڪرڻ جو سوچيل سمجهيل منصوبو آهي. نعيم احمد خان چيو ته ڪشميرين ڪڏهن به غيرقانوني ڀارتي ق??ضي کي ق??ول نه ڪيو ۽ انهن 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي ق??من کي به رد ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ڀارت 1947ع کان ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجي غيرقانوني ڪنٽرول کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪيترائي ق??م کنيا، ظالماڻا قانون لاڳو ڪيا پر حقيقت اها آهي ته اهي سڀئي ق??م ڪشميرين کي محڪوم بڻائڻ ۽ سياسي ۽ جمهوري حقن جي لاءِ وڙهڻ جي انهن جي خواهش کي دٻائڻ ۾ ناڪام رهيا آهن.