اسلام آباد – 26 8211; مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان پنهنجي ورڪرز کي رستن تي ڇڏي پاڻ بني گالا سمهڻ هليو ويو، ??ندس لانگ مارچ بري طرح ناڪام ٿي ويو آهي، عوام ٻڌائي ڇڏيو آهي ته هو ترقي ۽ خوشحالي جي سياست چاهي ٿي، لشڪرڪشي، فساد ۽ فتني جي سياست رد ٿي چڪي آهي، حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي، چونڊن جو اعلان حڪومت ۽ اتحادي مقرر وقت تي ڪندا، وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي عوام کي معاشي بدحالي مان ??ڍڻ جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهيو آهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ??الهائيندي هن چيو ته ڪالهه پوري قوم ڏٺو ته تخريبي ۽ تعميري سياست ۾ ڪهڙو فرق هوندو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي عوام انهن جي چهرن کي سڃاڻي چڪي آهي، 2014ع ۾ به عمران نيازي ڌرڻو ڏنو ۽ خالي هٿ ويو، هن ڀيري به هو پنهنجي ورڪرز کي رستن تي ڇڏي بني گالا سمهڻ هليو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان آءِ ايم ايف سان ??الهين کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ ڊرامو رچايو. هن پوليس جي گاڏين تي حملا ڪيا، پوليس اهلڪار شهيد ٿيو، ??مران خان سپريم ??ور?? جي فيصلي جي توهين ڪئي، ڪنٽينر تي بيهي اعلان ??يو ته ڪو فيصلو ناهي ٿيو، ڊي چوڪ پهچو، ??ڏهن اهي ڊي چوڪ جي ويجهو آيا ته انهن وٽ رڳو ڪجهه ماڻهو باقي رهجي ويا هئا، پوءِ اتان ??يس ڀڄڻو پيو. هن چيو ته عمران خان جو 6 ڏينهن جو الٽي ميٽيم سندس ناڪام سياست جو ماتم آهي هو هاڻي ڪڏهن به واپس نه ايندو.