لاهور – 05 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ ايندڙ عام چونڊون ٽن مهينن ۾ ڪرايون وينديون. گورنر هائوس لاهور ۾ پارٽي ورڪرز ۽ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي هن چيو ته هن ڀيري پاڪستان تحريڪ انصاف هيٺين سطح تي مناسب مشاورت کانپوءِ پنهنجي نظر??ات?? ڪارڪنن کي ٽڪيٽ ڏيندي. ??ن موقعي تي پنجاب جو گورنر عمر سرفراز چيمه، پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، اڳوڻن وفاقي ۽ صوبائي وزيرن س??يت ??يا به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته آئنده ٽڪيٽس جي نگراني پاڻ ڪندس، هن چيو ته ماضي ۾ پارٽي ٽڪيٽ ڏيندي ڪجهه غلطيون ڪيون جنهن جي نتيجي ۾ قيمت ادا ڪرڻي پئي، تنهن هوندي به هاڻي انهن غلطين مان سکنداسين. هن اميد ظاهر ڪئي ته عوام ايندڙ چونڊن ۾ انهن سياستدانن کي سبق سيکاريندي جيڪي غير ملڪي سازش جو حصو ب??يا آهن، هن چيو ته انهن غدارن ملڪ جي آزاد پرڏيهي پاليسي کي ختم ڪرڻ جو منصوبو بڻايو آهي ۽ اسان انهن غدارن جي خلاف هر قيمت تي ۽ هر فورم تي وڙهنداسين، وزيراعظم اعلان ڪيو ته اڄ رات عشاءِ جي نماز کانپوءِ ايف نائن پارڪ اسلام آباد ۾ پرامن احتجاج ڪيو ويندو، هن چيو ته سازش جو حصو بڻجندڙ عنصرن جي سياست ايندڙ اليڪشن ۾ ختم ٿي ويندي، ??ن موقعي تي وزيراعظم عمران خان شفقت محمود کي روزاني لاهور ۾ احتجاج ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چي??ه کي به مبارڪباد ڏني.