اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان فلسطيني عوام جي حقن ۽ انهن جي منصفاڻي جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي واضح حمايت کي ورجائيندي ان ڳالهه ??ي زور ڏنو آهي ته فلسطين جو تڪرار وچ اوڀر ۾ بدامني جو مرڪز آهي، فلسطيني عوام جي جائز خواهشن کي پورو ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو ??لسطين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر رياض المالڪي سان ملاقات جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو جيڪو او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان آيل آهي. فلسطيني پرڏيهي وزير ان موقعي تي چيو ته مسلمان امت جي فلسطين ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرارن سميت حل طلب مسئلا خطن ۾ عدم استحڪام جي بنيادي سببن مان آهن، ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جا ماڻهو ??نهنجي ناقابل تنسيخ خودمختياري جي حق جو مطالبو ڪرڻ تي س??گين ??لم ۽ ڏاڍ جو شڪار آهن. وزي??اع??م فلسطيني عوام جي حقن ۽ انهن جي منصفاڻي جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي واضح حمايت کي ورجايو. وزي??اع??م ان ڳالهه ??ي زور ڏنو ته فلسطين جو الميو جيڪو پاڪستاني عوام ۽ پوري دنيا جي مسلمانن جي لاءِ انتهائي ڳڻتي جو سبب آهي وچ اوڀر ۾ بدامني جو مرڪز آهي، فلسطيني عوام جي جائز خواهشن کي پورو ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وزير المالڪي فلسطين تي پاڪستان جا اڻٿڪ حمايت ۽ اصولي موقف تي ٿورا مڃيا. وزي??اع??م ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ فلسطين جي وچ ۾ بهترين ٻطرفي تعاون سان گڏوگڏ او آءِ سي س??يت علائقائي ۽ عالمي فورمن تي ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.