اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت هڪ پرتشدد پاڙيسري ملڪ هجڻ جي حيثيت سان علائقائي امن کي خراب ڪرڻ چاهي ٿو ۽ بالادستي جي اراد?? جي ڪري ڏکڻ ايشيائي علائقائي تعاو?? جي تنظيم (سارڪ) کي فعال ٿيڻ نه ڏئي رهيو آهي. ايوان صدر ۾ سريلنڪا جي بحريه جي ڪمانڊر وائيس ايڊمرل نشانٿا اولوگيٽن سان ملاقات ۾ صدر ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻه?? جي خلاف ڀارت پاران ڪيل ظلمن کي اجاگر ڪيو. هن ٻڌايو ته ڀارت ۾ اقليتن تي ظلم ۽ ڏاڍ هڪ سنگين ڳڻتي جو سبب آهي ۽ بدقسمتي سان ڀارتي حڪومت ان کي نظرانداز ڪري رهي آهي. صدر چيو ته پاڪستان سريلنڪا سان پن??نجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ سريلنڪا سان گڏيل مفاد?? جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ چاهي ٿو. هن ٻنهي ڀائر ملڪ?? جي وچ ۾ سياحت، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سريلنڪن بحريه جي ڪمانڊر آجيان ڪندي صدر چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن جن کي ٻنهي ملڪ?? جي گڏيل فائدي جي لاءِ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ ثقافتي تعاون ۽ مذهبي سياحت کي فروغ ڏيڻ جي وڏي صلاحيت آهي ڇو ته پاڪستان ۾ ٻڌمت جون ڪيتريون ئي جايون آهن ۽ سريلنڪا جي ٻڌ ڀکشوئن کي مذهبي جاي?? جي سير جي لاءِ حوصلا افزائي جي ضرورت آهي. سيالڪوٽ واقعي جي مذمت ڪندي صدر سريلنڪا جي هڪ شهري کي بيدردي سان قتل ڪرڻ جي افسوسناڪ واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو. هن چيو ته حڪومت واقعي ۾ ملوث جوابدار?? جي خلاف فوري ڪارروائي ڪئي. صدر عارف علوي پاڪ چين اقتصادي ??نگهه ۽ گوادر پورٽ جي اهميت کي اجاگر ڪيو جيڪي علائقائي رابطن کي فروغ ڏيڻ کانسواءِ پاڪستان ۽ وچ ايشيائي رياست?? جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌائڻ سان گڏوگڏ خطي ۾ اقتصادي خوشحالي جو سبب بڻجندا. وائيس ايڊمرل نشانٿا اولوگيٽن مشڪلاتن ۾ سريلنڪا جو ساٿ ڏيڻ تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن سريلنڪن شهري جي بي رحماڻي قتل ۾ ملوث جوابدار?? جي خلاف حڪومت پاران ڪيل ڪارروائي کي پڻ ساراهيو. هن ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.