بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان چائنا انرجي اينڊ انجنيئرنگ ڪارپوريشن جي چيئرمين ڊاڪٽر سانگ هيليانگ ۽ پاور چائنا جي چيئرمين ڊاڪٽر ڊنگ ين زانگ آن لائين ملاقات ڪئي. اها ملاقات پاڪستان جي توانائي جي شعبي بشمول قابل تجديد توانائي ۽ آبپاشي جي انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ سيڙپڪاري وڌائڻ بابت هئي. پرڏيهي وزير مخدوم ش??هه محمود قريشي، ناڻي وارو وف??قي وزير شوڪت فياض ترين، اطلاعات وارو وف??قي وزير چوڌري فواد حسين، منصوبابندي وارو وف??قي وزير اسد عمر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سي پيڪ بابت خاص معاون خالد منصور، قومي سلامتي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ لاڳاپيل سينيئر عملدارن آن لائين اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.